93.The Morning Hours

  1. مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي
  2. ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي
  3. ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو
  4. ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي
  5. ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين
  6. توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين
  7. ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين
  8. ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين
  9. تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر
  10. ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ
  11. ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ