92.The Night

  1. رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي
  2. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو
  3. ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي
  4. ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي
  5. پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي
  6. ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين
  7. تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين
  8. ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين
  9. ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين
  10. تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين
  11. ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو
  12. بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي
  13. ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن
  14. پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي
  15. (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو
  16. جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو
  17. ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو
  18. جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي
  19. ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي
  20. پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو)
  21. ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو