88.The Overwhelming

  1. (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
  2. اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا
  3. ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا
  4. ٻرندڙ باھ ۾ پوندا
  5. بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن
  6. ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو
  7. (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو
  8. ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا
  9. پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا
  10. مٿاھين بھشت ۾ ھوندا
  11. اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين
  12. اُتي چشما وھندڙ آھن
  13. اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل
  14. ۽ آبخورا رکيل
  15. ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل
  16. ۽ غاليچا وڇايل آھن
  17. (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا
  18. ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو
  19. ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا
  20. ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي
  21. پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين
  22. تون مٿن ڪو داروغو نه آھين
  23. پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو
  24. تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو
  25. بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي
  26. وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي