104.The Traducer

  1. (انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي
  2. جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين
  3. ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو
  4. ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس
  5. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
  6. الله جي ٻاريل باھ آھي
  7. جا دلين تي پھچندي
  8. بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي
  9. (جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا)