101.The Calamity

  1. سخت ٺوڪيندڙ
  2. (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
  3. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
  4. جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا
  5. ۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا
  6. پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا
  7. سو دلپسند گذران ۾ ھوندو
  8. ۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا
  9. تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي
  10. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
  11. ھڪ ٻرندڙ باھ آھي